پاڪستان

آرمي چيف سان نه مليو آهيان، مڪمل اختيار مليا ته وزيراعظم ٿيندس:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته صدر عارف علوي جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي، جنهن جي ايجنڊا تڪڙيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هئي.، هٿياربند فوج جي سربراهه جي مقرري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته هاڻوڪي حڪومت پنهنجي فائدي لا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي، جيڪا اعليٰ عدليا ۾ چئلينج ٿي ويندي، نوازشريف جي مرضي آهي ته پهريان ڪيس ختم ٿي وڃن پوءِ اقتدار ۾ اچون. هن واضح ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان منهنجي لاهور ۾ ڪا ملاقات ناهي ٿي، مون کي خدشو آهي ته وزيرآباد حملي جي مک جوابدار کي دير سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ سبب 14 اندر شاهديون ضايع نه ٿي ويون هجن، ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پنجاب جو اڳوڻو آ جي هو. ٻئي طرف لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب دوران عمران خان چيو ته ڇنڇر تي اعلان ڪندس ته لانگ مارچ اسلام آباد ڪڏهن پهچندو، پنڊي کان مارچ جي قيادت آئون پاڻ ڪندس، هاڻي تبديلي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ق ليگ اسان جي اتحادي آهي، پرويز الاهي سان بهترين اتحاد هلي رهيو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ اڳوڻو آءِ جي پنجاب هو. عمران خان چيو ته مون چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) سان ڌانڌلي روڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اي وي ايم معاملي تي نواز شريف، آصف زرداري، اليڪشن ڪميشن ۽ هينڊلرز هڪ پيج تي هئا. عمران خان اهو به چيو ته مڪمل اختيار ملندا ته وزيراعظم ٿيندس، اهو نٿو ٿي سگهي ته اختيار ڪنهن ٻئي وٽ هجن ۽ ذميواري ڪنهن ٻئي جي. اسان جون ڪنهن سان ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين. ارشد شريف قتل ڪيس تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جي معاملي تي ٿيل ظلم سڀني جي سامهون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button