پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم، 15 ڏينهن ۾ شيڊيول جاري ڪيو: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستون شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتيون ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ۽ سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي نفري فراهم ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت فيصلو به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي مجبور نٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن 3 ڊسمبر تائين شيڊيول جو اعلان ڪري ۽ مڪاني چونڊن بابت 60 ڏينهن ۾ سمورا قدم مڪمل ڪري.

عدالت چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي تاريخ ٻن مهينن جي اندر اندر هجڻ گهرجي، سنڌ حڪومت سيڪيورٽي ۽ سموريون سهولتون ڏيڻ جي پابند آهي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ضروري قدمن جا پابند هوندا. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم قانون سازي، تڪ بندين ۽ ووٽر لسٽن جي درستگي تائين چونڊون نه ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن کي اختيار ملڻ تائين چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني پر ايم ڪيو ايم جي درخواست ۾ ٺوس موقف نه هو ۽ ان موقف جي بنياد تي چونڊون ملتوي نه ٿيون ڪري سگهجن. عدالتي فيصلي موجب ٻوڏ صورتحال ۽ سيڪيورٽي جي عدم فراهمي سبب 4 مهينن کان چونڊون دير جو شڪار آهن، ٻوڏ سبب اڃا تائين شيڊيول سامهون ناهي آيو، ايتري وقت ۾ حڪومت کي ڪو نه ڪو حل ڪڍڻ گهرجي ها، سيڪيورٽي جي عدم فراهمي جي بنياد تي چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نه ٿيون ڪري سگهجن. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن به ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button