اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي مقرري،اسلام آباد ۾ اهم ملاقون،صلاح مشورا

اسلام آباد :هم ترين مقرري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي. اهم ملاقاتن ۾ مقرري جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. نوازشريف مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري کي ٽيليفون ڪري ڳالهيون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه اهم ترين مقرري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي شروعاتي مشاورت ۾ اتحادين وفاقي حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جون هڪٻئي پويان فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سان ڊگهيون ملاقاتون به ٿيون، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عمران خان جي لانگ مارچ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقاتن دوران آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان ن ليگ قائد نواز شريف جي ٽيليفونڪ گفتگو پڻ ٿي. ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وزيراعظم شهباز شريف کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ پيغام ڏنو ته اهم مقرري سميت ٻين اهم فيصلن تي وزيراعظم آئيني اختيار موجب قدم کڻي. ملڪي داخلي استحڪام، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين. ملاقاتن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي کي اهميت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٽنهي اتحادي جماعتن مستقبل ۾ به گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب طبعيت بهتر ٿيندي ئي وزيراعظم شهباز شريف جلد اتحادين سان سڌي ريت ملاقاتون ڪندو. ٻئي طرف ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ اهم مقرري جي معاملي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ ايوان صدر ۾ اهم ملاقات ٿي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزير ملاقات ۾ صدر کي ملڪي معاشي ۽ مالي صورتحال تي بريفنگ ڏني. پڌرائي مطابق صدر کي ٻوڏ متاثر علائقن ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جي حوالي کان آگاهه ڪيو ويو. ناڻي واري وزير صدر کي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال کان به آگاهه ڪيو. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ذريعن ٻڌايو ته ملاقات دوران نئين آرمي چيف جي مقرري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ناڻي واري وزير صدر کي اهم مقرري تي اعتماد ۾ ورتو. ان موقعي تي اسحاق ڊار پيغام ڏنو ته صدر سياسي اعتدال لا پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، آئيني ۽ قانوني مامرن تي ڊيڊلاڪ نه هئڻ گهرجي. ذريعن مطابق صدر عارف علوي ويجهن دوستن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان چيو ته آرمي چيف بابت وزيراعظم جي ايدوائس آئي ته ان تي عمل ڪنداسين. عارف علوي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته مون وٽ وزيراعطم جي ايڊوائس روڪڻ جو قانوني اختيار نه آهي تنهنڪري ملڪ جي معاملن ۾ ڪڏهن به رنڊڪ ناهي وڌي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته نئين آرمي چيف جو نالو ڏينهن ٻن اندر سامهون اچي ويندو، هاڻي بس هڪ ٻن ڏينهن جو معاملو رهجي ويو آهي ۽ نالو ڪاغذ تي اچي ويندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي تجربي مطابق حساس نوعيت جي فيصلن کان اڳ اتفاق را ٿيندو آهي، اهم مقرري تي وزيراعظم جو اختيار آهي، مشاورت مان مطلب ڪنهن کي اختيار ناهي هوندو، وزيراعظم ڪنهن کان به پڇي سگهي ٿو، نيٺ فيصلو کيس ئي ڪرڻو آهي. گهرو وزير تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري سان رابطن جي تصديق ڪندي چيو ته اهي سياسي سمجهه رکندڙ اڳواڻ آهن، باقي عمران خان کي نه پنهنجي ۽ نه ئي ٻين جي عزت جو ڪو خيال هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ميڊيا ۾ ئي آهي، ٻيو ڪٿي به نظر نٿو اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button