دادو: دادو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڀائرن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آھي، جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ام رباب چانڊيو جي والد، چاچـي ۽ ڏاڏي کي 17 جنوري 2018 تي قتل ڪيو ويو هو، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيو جي هدايتن تي جوابدارن سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي. فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس پٽ مختيار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ قابل چانڊيو مارجي ويا، ام رباب چانڊيو مسلسل گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي برهان چانڊيو چيو آهي ته فرد جرم ۾ ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن مان ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ تقريب ۾ شريڪ هيس، ان ڏينهن مون بلاول ڀٽو زرداري جي گاڏي به ڊرائيو ڪئي هئي، مون وٽ ان ڳالهه جا وڊيو ثبوت به موجود آهن. هن چيو ته ام رباب اسان جي ڀيڻ آهي، سندس لڳايل سمورا الزم غلط آهن، هن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ام رباب چانڊيو ليڊر ٿيڻ جي لاءِ اسان جي مٿان الزام لڳايا آهن، اسان بيگناھه آھيون ۽ بيگناھه ثابت ٿينداسين، اسان کي بيگناھه ڪيس ۾ گھيليو پيو وڃي.
ام رباب چانڊيو عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان جي فتح ڏانهن پهرين وک آهي، سردار ڀائرن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائي رهنداسين، ھن چيو تھ سنڌ ۾ شينھن نظر ايندڙ سردار ٻليون آھن، اسان جي ڪاميابي ٿي آھي، عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ۽ اھا اميد قائم رھندي. هن چيو ته برهان چانڊيو غلط بياني پيو ڪري، هو واقعي واري ڏينهن ميهڙ ۾ موجود هيو، سردار سدائين ڪيس کان ڀڄندا رھيا آھن، عدالت برهان چانڊيو جا ثبوت رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ها ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته 3 مهينن جي اندر ڪيس اڪلائي فيصلو ڏنو وڃي، مان قاتلن، سردارن ۽ جاگيردارن کي ڦاسي جي ڦنڌي تي ڏسان پئي. جڏهن ته ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان تي داخل ڪيس ڪوڙو آهي، اسان تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪاپي ڏني وئي، صحيح ڪري ڏني. هن چيو ته اسان جرم کان انڪار ڪيون ٿا، اسان 5 سالن کان عدالت ۾ ۽ عدالت کان ٻاهر چئون پيا ته اسان تي ڪيس ڪوڙو آهي.