پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ واپارين کان ڦر ۽ وڌندڙ بدامني خلاف انڊس ھا وي تي ڌرڻو

ميھڙ: ميهڙ ۾ واپاري محمد حسن چنا، فدا حسين چنا ۽ اظھر گانگهرو کان ڦر ٿيل لکين روپيا واپس نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي صدر عبدالستار چنا، رائيس ملز ايسوسيئيشن جي صدر نياز علي ٻرڙو، غلام سرور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري مين انڊس ھا وي تي ڌرڻو هڻي روڊ ٻلاڪ ڪيو ويو. جنھن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جنهن دوُران مڇريل ماڻھن پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميھڙ شھر ۾ چوريون، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول ھجڻ سبب واپاري، دڪاندار ۽ شھري سخت پريشان آهن ۽ پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ بدران کين تحفظ فراهم ڪري رھي آھي، جنھن سبب ڏوھاري شھر ۾ آساني سان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي وڃن ٿا.

ھنن وڌيڪ چيو ته 2 ڏينھن اڳ رائيس مل جي مالڪ واپاري محمد حسن چنه ۽ واپاري فدا حسين چنا کان ھٿياربند ڦورو 18 لک ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ھفتو اڳ واپاري اظھر گانگھرو کان سندس دڪان تان ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربند 20 لک روپيا روڪ رقم آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس کي ڏيڻ باوجود به پوليس اڃا تائين ڏوھن ۾ ملوث ھڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي. ان موقعي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن شفيق ابڙو وڏا پوليس اٽالا ساڻ ڪري مظاھرين سان ڳالھيون ڪري سمورا ڏوھه سومر تائين واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ھوڏانھن شھرين ۽ رائيس مل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چتا ڏيندي چيو ته ايندڙ سومر تائين ازالو نه ٿيو ته اڱاري ڏھاڙي ٻيھر اڻ اعلانيل مدي تائين ميھڙ انڊس ھا وي بلاڪ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button