پاڪستانسنڌ

موري مان ڊاٽسن ذريعي سبزي کڻي جوهي ۾ وڪرو ڪندڙ جو احتجاج

جوهي: موري مان ڊاٽسن ذريعي سبزي کڻي جوهي ۾ وڪرو ڪندڙ گلبهار گلاب رستماڻي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته موري مان ڊاٽسن تي سبزي کڻي جوهي شھر جي مختلف پاڙن ۾ سستي سبزي وڪرو ڪندو آھيان. هن ٻڌايو ته مان اصل جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي شھر ڇني جو رهواسي آھيان، هاڻي موري ۾ روزگار ڪندو آھيان، هن چيو ته گهٽ اگھه تي سبزي وڪرو ڪرڻ تي جوهي ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ واپاري نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، هن مطالبو ڪيو ته واپارين کان تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button