پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، جوابدار گهر خالي ڪري فرار

نوابشاھه: نوابشاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، جوابدار گهر خالي ڪري فرار خبر موجب نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مهراڻ ڪالوني واري علائقي ۾ گهرو معاملي تان هٿياربندن 35 ورهين جي علي خان راهو کي گوليون هڻِي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪيو. ٻي طرف نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدار نوجوان جي قتل بعد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته علي خان راهو سان حمير راهو ۽ ٻين جو گهرو معاملي تان ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button