پاڪستانسنڌ

حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ ناڪام رهي آهي:نظير قريشي

شاهپورچاڪر: سرڪار ٻوڏ متاثر ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، سنڌ جي مخير ماڻھن کي وڌيڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اھڙو اظهار ناميارِي سماج سڌارڪ ۽ عورت اڳواڻ نظير قريشي صائمه ويلفيئر پاران شاهپورچاڪر ۾ برسات متاثر ماڻهن ۾ بسترا، ڏاج ۽ ريڙھيون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان مخير دوستن جي تعاون سان برسات متاثرن ۾ موسم ۽ ضرورتن آهر هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ته جيئن انهن جي اهنجن جو ڪنهن قدر تدارڪ ٿي سگهي. حڪومتن کي پنهنجي عوام جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اهو اسان کي پوريءَ سنڌ ۾ نه هئڻ جي برابر لڳي ٿو. خالي دعوائون ڪري ۽ انگ اکر ڏئي غريبن جي نالي تي مال کاڌا پيا وڃن. ماڻھو انهن جي ٺلهن آسرن تي مهينن کان واجهائي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي بي پهچ ماڻھن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ انهن لا روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لا وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي صائمه ويلفيئر جي سرواڻ ايڊووڪيٽ خليل احمد انڙ چيو ته اسان پنهنجي ماڻھن جي خدمت لا پاڻ پتوڙي رهيا آهيون، ان لا دوستن کي اسان جي ان جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سٿ ڏيڻ جي اپيل ڪريون ٿا. پروگرام ۾ حميده پنهور، نسيم لغاري، مريم انڙ، سيما مرزا، نظيربانو لاشاري، نگهت، زينت چانڊيو، اديب شاعر رضا ڏاهري، عطاالله انڙ، سينيئر صحافي الياس انجم، نواز بروهي، رياض ڏاهري، پروفيسر اقبال احمد انڙ، آصف منور ميمڻ، حاڪم ناياب، مهراڻ انڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button