واهي پانڌي: ڪاڇي جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم کاتي جي نااهلي سبب سمورا اسڪول بند ٿي ويا، استاد توڙي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا. ملازم بااثر هجڻ ڪري ڪارروائي کان به بچي ويا. ڪاڇي جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم مڪمل طور تي تباهھ ٿي وئي. ڳوٺ ۾ قائم بوائز پرائمري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ڪيترن سالن کان بند پيل آهن، اسڪولن ۾ مقرر استاد ۽ عملو گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي، پر ملازم بااثر هجڻ سبب تعليم کاتي جا عملدار ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، جنهن سبب ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي معصوم ٻارن جي تعليم سخت متاثر آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته اسڪول ۾ مقرر استاد پنهنجا اين جي اوز ادارا قائم ڪري ڪمائي رهيا آهن، ڪجھه استادن جو تعلق ميڊيا سان آهي، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان اسڪول ۾ مقرر ٿيل آهن، پر اهي هر حڪومت ۾ ڪارروائي کان آجا رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ قائم اسڪول بند آهن،. ڪو به ماستر ڊيوٽي تي نه ٿو اچي، جنهن سبب اسان جي معصوم ٻارن جي تعليم مڪمل طور تي تباھه آهي، اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم جي صورتحال بابت تعليم کاتي جي اعلى آفيسرن کي آگاهه ڪري ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن، پر اڄ ڏينهن تائين اسڪول ۾ مقرر عملي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم دشمن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ماسترن ۽ ٻي عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول کوليا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close