اسلام آباد : توشا خانا اسڪينڊل کانپوءِ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جو قيمتي هيرن جي منڊين جو اسڪينڊل به سامهون اچي ويو. ذريعن مطابق عمران خان توشا خانا مان ڀڳڙن جي مٺ تي گهڙي کان علاوه قيمتي منڊيون به ورتيون. عمران خان کي وزيراعظم جي حيثيت سان بين القوامي دورن دوران ڪل 89 تحفا مليا، جن مان هن 43 تحفا ڪنهن به قسم جي ادائيگي کانسواءِ رکي ڇڏيا. سرڪاري ڪاغذن مان اهو انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان کي هڪ عرب ملڪ مان هيرن جون ٻه منڊيون تحفي ۾ مليون، منڊين جي قيمت جو ڪاٿو 2 لک 30 هزار رپيا لڳايو ويو. 50 سيڪڙو ادائيگي کانپوءِ منڊين لاءِ صرف هڪ لک 15 هزار 200 رپيا ادا ڪيا ويا. عمران خان هڪ منڊي 40 هزار 500 رپيا جڏهن ته ٻي منڊي صرف 74 هزار 700 رپين ۾ حاصل ڪئي. توشا خانامان ورتل منڊيون عمران خان وٽ آهن يا نه ان حوالي سان سرڪاري دستاويزن ۾ ڪجهه واضح نه آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close