ماحولياتي تبديلي جي متاثر ملڪن کي هاڻي معاوضو ملندو، ڪوپ-27 غريب ملڪن لا فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٻن هفتن کان هلندڙ گڏيل قومن جي ڪوپ-27 جي سڀ کان ڊگهي ۽ تاريخي اجلاس ۾ موسمياتي نقصانن جي متاثر پٺتي پيل ملڪن کي معاوضو فراهم ڪرڻ لا اهم معاهدو طئي ٿيو آهي، امير ملڪ گذريل 3 ڏهاڪن کان هن معاهدي کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا پر نيٺ هاڻ هو مڃڻ تي مجبور ٿيا آهن. ذريعن موجب ٻوڏ سبب متاثر ٿيل پاڪستان لا به اها سٺي خبر آهي ته دنيا ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي حامي ڀري ورتي آهي. امير ملڪن طرفان قائم ڪيل فنڊ کي “لوسٽ اينڊ ڊيميج فنڊ” جو نالو ڏنو ويو آهي، امير ملڪ گذريل 30 سالن کان ان بحث کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين معلوم آهي ته ماحولياتي تبديلي جا اهي پاڻ ئي ذميوار آهن. واضح رهي ته ڪوپ-27 اجلاس ۾ تازو ٻوڏ سبب متاثر ٿيل پاڪستان سميت 200 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين بابت وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ غريب ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق موسمياتي انصاف جي هدف ڏانهن پهريون قدم آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close