اسلام آباد: توشا خانا تحفن جي وڪري ۾ فرح گوگي کي سمگلنگ ۾ مدد ڏيندڙ سڀني ملوث ڪردارن خلاف قانون جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان حڪومت يو اي اِي حڪومت کان فرح گوگي جي آمد جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. رڪارڊ موجب 2018 کان 2022 دوران فرح گوگي ڪيترائي ڀيرا يو اي اي آئي. فرح گوگي جي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جو اميگريشن رڪارڊ موجود ناهي. حڪومت پاڪستان ۾ فرح گوگي کي اميگريشن ۾ سهولت ڏيندڙن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close