پاڪستانسنڌ

پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي سزا ڪالعدم، آزاد ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هائي ڪورٽ هائي پروفائيل پروين رحمان جي قتل واري ڪيس ۾ سزا مليل جوابدارن جون سزائون ڪالعدم قرار ڏئي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ اورنگي پائيلٽ پروگرام جي سربراهه پروين رحمان کي 2013ع ۾ منگهو پير واري علائقي ۾ دفتر کان گهر ايندي موٽرسائيڪل سوار جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جنهن ڪيس ۾ جوابدارن رحيم سواتي، امجد حسين، اياز سواتي ۽ احمد حسين کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڊسمبر 2021ع ۾ فيصلو ڏيندي ٻھ ٻھ ڀيرا موت جي سزا، 2،2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ ڏنڊ نھ ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي 6 مهينا وڌيڪ قيد ۾ رهڻو هو. جڏهن تھ سنڌ هائي ڪورٽ جوابدارن جي سزائن خلاف اپيل منظور ڪندي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي تھ جوابدارن ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ناهن تھ کين آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button