پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ 13 سال گذرڻ باوجود ڊگري ڪاليج نه ٺهيو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 13 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو. اپريل 2010ع ۾ منظور ۽ تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم گذريل چار سالن کان بند پيل آهي. اڳوڻي تعليم واري صوبائي سينيئر وزير پير مظهر الحق مسڻ وڏي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر پروفيسر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري جي دعوت تي اچي ڊاڪٽر حسين لغاري جي درخواست تي ڊگري ڪاليي جي منظوري ڏني هئي ۽ پير مظهر الحق پيڙھه جو پٿر رکي تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪيو، پر 13 سال گذرڻ باوجود ڪاليج تعمير نه ٿي سگهيو آهي. ٺيڪيدار ڪاليج جي عمارت جو ڪم 13 سالن ۾ 40 سيڪڙو به ڪرائي نه سگهيو، ڊگري ڪاليج جي پنج ڪمرن کي ڇتون لڳل آهن، باقي 10 کان وڌيڪ ڪمرن جون ڀتون اڀيون ڪيل آهن، آڊيٽوريم حال جو ڪم به اڌ ۾ رهيل آهي، ڊگري ڪاليج جو فرسٽ فلور به مڪمل ناہي ٿيو. ان سلسلي ۾ رهواسين حاجي محمد فاروق لغاري، ايڊووڪيٽ محمد اڪرم لغاري،حاجي محمد اشرف، آزاد ملاح، ڏاڏو محمد علي ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت هجڻ باوجود ڊگري ڪاليج جي پ پ مالڪي ناهي ڪئي، تعميراتي ڪم 4 سالن ۾ مڪمل ڪرڻو هو، پر 13 سال گذري ويا، پر ڪاليج نه ٺهيو. هنن وڏي وزير مراد شاهھ، تعليم جي وزير سردار شاهھ ۽ ايم پي اي امداد کان مطالبو ڪيو ته جلد ڪاليج جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button