عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ هڪ ئي خاندان جا 17 ٻار بيماري سبب اکين جي نور کان محروم ۽ معذور ٿي ويا. 3 ٻار فوت به ٿي ويا، پر صحت کاتي جي اختيارين ڪو نوٽيس نه ورتو. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڳموري ۾ هڪ ئي خاندان جا 17 معصوم ٻار ذهني ۽ جسماني معذوري جو شڪار هئڻ سبب عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. ڪجھه ٻارڙا اکين جي نور کان محروم آهن ۽ ڪجھه ٻارڙا ڄنگهن ۽ ٻانهن جي معذوري جي ور چڙهيل آهن. معذور ٻارن ۾ 10 سالن جو حاڪم علي، 3 ورهين جي شبانه، 5 ورهين جو نعمت، 6 سالن جو عبدالرحمان، 7 سالن جي هما، 12 ورهين جو ڌڻي بخش، 12 ورهين جو منير، 5 ورهين جي بختاور، 10 ورهين جو عجيمت، 8 سالن جو وسيم ۽ ٻيا شامل آهن. معذور ٻارن جي والدين مير محمد، غلام حيدر، محمد رحيم ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته سمورا ٻار ڄمڻ وقت عام ٻارن جيان بلڪل صحتمند هئا. جيڪي بعد ۾ بيماري ۾ وٺجي معذور بڻجي ويا، هاڻ ڪجھه ٻار اکين جي نور کان محروم، ڪجھه جسماني ۽ ذهني ڪمزوري سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويا آهن، غربت سبب اسان ٻارن جو علاج نٿا ڪرائي سگهون، بار بار دانهون ڪرڻ باوجود به عمرڪوٽ صحت کاتي جي انتظاميا ڪا به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. بيماري سبب ٽي ٻار لياقت علي، شاهده ۽ صاحبه فوت ٿي چڪا آهن. هنن وڏي وزير، وزيراعظم، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close