پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ بااثرن جي زيادتين ۽ زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ جي ڳوٺ جڙيو ٻٻر واسين عورتن سان گڏجي بااثرن جي زيادتين ۽ زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب ڪڪڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن امداد علي ٻٻر، عبدالغفور ٻٻر، عبدالقادر ٻٻر، سليمان ٻٻر، غلام النبي ٻٻر، هدايت خاتون، حاجران خاتون ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر عباس جمالي، غلام رسول جمالي، جلال پهوڙ ۽ ٻيا اسان جي ابن ڏاڏن جي 200 ايڪڙ زرعي زمين جيڪا ديه پهوڙ ڪاڇي ۾ واقع آهي، جنهن تي هٿياربندن سان گڏجي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن، اسان ابن ڏاڏن کان پنهنجي زمين آباد ڪندا پيا اچون، هاڻي بااثرن پنهنجي ڏاڍ تي زمين تي قبضو ڪيو آهي، اسين غريب مسڪين پورهيت آهيون، هارپو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهيون. جڏهن ته زمين جي قبضي خلاف اسين حد جي ٿاڻي تي به ويا آهيون پر ڪوبه بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين ۽ زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button