ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد ۾ سھڻا سنڌي سوشل فورم پاران نوجوان علي بخش جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لا احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. خبر موجب سھڻا سنڌي سوشل فورم جي اڳواڻ شوڪت علي مري، فياض جمالي، عالم خان بوزدار، مظفر روڌناڻي، صوفي راھب جمالي، غلام علي جمالي ۽ حسين جمالي جي اڳواڻي ۾ مقتول علي بخش جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لا شھر جي با پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 7 آڪٽوبر تي گاجي شاهه ۾ مقتول علي بخش جمالي کي بااثرن بيدردي سان قتل ڪيو، جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي.
هنن چيو ته نوجوان علي بخش جمالي جي قتل ڪيس جي ايف آ آر گاجي شاهه ٿاڻي تي جوابدارن اختر، غلام قادر، وزير سميت 7 ڄڻن خلاف داخل ٿيل آهي، جيڪا انڪوائري ڊي آ جي حيدرآباد پاران ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي ڪئي وئي پر سراج لاشاري بااثرن جي ونگار وهندي ڪيس مان مک جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي. نوجوان علي بخش جمالي قتل ٿيو ۽ ان جي قتل ڪيس مان پوليس مک جوابدارن جا نالا ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪا مقتول جي وارثن سان وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻڌري انڪوائري ڪرائي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان علي بخش جمالي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.