ميهڙ: يوسي سنڌي ٻٽڙا جي لوئر سيڪنڊري اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف سنڌي ٻٽڙا لوئر سيڪنڊري اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول جي ھيڊماستر عجيب اللہ قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي دروازي آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي چوري واري واقعي خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته افسوس جو ڪجھه نامعلوم ماڻھن نياڻين جي اسڪول مان چوري ڪري سامان کڻي ويا آھن پر سنڌي ٻٽڙا پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناھي ڪئي. ھنن چيو ته تعليمي ادارن کي ٽارگيٽ ڪري چوريون ڪرايون پيون وڃن. ھنن گھر ڪئي ته اسڪول مان چوري واري واقعي جو نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close