دادو: دادو ڀرسان جھلو ٿاڻي جي حد ۾ ڪمند پٽڻ تان 13 ورهين جي نينگر تي تشدد، ھٿ پير ٻڌي مبينا بدفعلي جي ڪوشش، حد جي پوليس 500 وٺي جوابدار کي ڇڏي ڏنو، خبر موجب دادو جي ڳوٺ حاجي خان سولنگي جي رھواسي 13 ورهين جي نينگر پنهنجي ما، ڀيڻ ۽ ٻين سان گڏجي دادو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو. نينگر جي وارثن چيو آهي ته 3 جوابدارن نينگر کي زمين مان ڪمند پٽيندي ڏسڻ تي سخت تشدد ڪيو ۽ ھٿ پير ٻڌي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، نينگر جي رڙين تي پھتاسين ته جوابدار فرار ٿي ويا، نينگر جا ھٿ پير رسي سان ٻڌل ھئا.
هنن چيو ته دانھن کڻي جھلو ٿاڻي تي پھتاسين، اين سي داخل ڪري پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو پر جوابدار کان 500 وٺي وري ڇڏي ڏنو. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي رشوت وٺي جوابدار کي آزاد ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.