نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين ماڻهن چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس سامهون ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ ماهه نور شيخ، حمز علي چانڊيو، واجد لاشاري، منير وسطڙو، مهر وسطڙو، اسد چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي دوران ڊي سي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جا هزارين ٻوڏ متاثر بک بدحالي ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين علائقن مان نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ماڻهو ٿڌ ۾ بيحال ٿي رهيا آهن، مليريا ۽ ٻيون بيماريون حياتيون کسي رهيون آهن، پر ڊي سي تاشقين عالم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لا ڪي به قدم نه کنيا آهن، نااهل ڊي سي کي فوري طور تي هٽائي ضلعي جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close