پاڪستانعالمي

اپيل واپس، نواز شريف ٻارن سان گڏ يورپ جي سير تي روانو

مسلم ليگ (ن) جو سربراهه نواز شريف، سندس ڌي مريم نواز، پٽ حسين نواز ۽ ڏوهٽو جنيد صفدر گهمڻ ڦرڻ لا لنڊن کان يورپي ملڪن ڏانهن نڪري پيا آهن. ذريعن موجب نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جا ڀاتي ايندڙ ڏهن ڏينهن دوران 5 يورپي ملڪن جي ياترا ڪندا، شريف فيملي گذريل رات هڪ يورپي ملڪ پهتي آهي. مريم نواز به ڪيترن ئي ڏينهن کان لنڊن ۾ موجود ۽ پيءَ سان وقت گذاري رهي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف برطانيا جي گهرو کاتي جي آفيس مان پنهنجي اپيل واپس وٺي ڇڏي آهي. نواز شريف جي اپيل هوم آفيس ۾ التويٰ هيٺ هئي، جج اڃا تائين اپيل تي ڪا شنوائي نه ڪئي هئي، صرف تاريخون ملنديون رهيون آهن. ذريعن موجب برطانيا ڇڏڻ بنا رهائش ۾ توسيع واري درخواست هوم آفيس رد ڪئي هئي، جنهن تي نواز شريف فيصلي خلاف برطانوي هوم آفيس ۾ اپيل داخل ڪئي هئي پر هاڻي اپيل تان هٿ کڻي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button