پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ پيرپاڳاري جي 94 هين سالگرهه، ڀيٽائون پيش

سنجھورو: سنجهورو جي ورياماڻي هائوس تي حرن جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھه ستين پير پاڳاري پير شاھه مردان شاھه جي 94 سالگرھه جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ حر جمايت جي ماڻھن، فنڪشنل اڳواڻن، شھرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سالگرهھ تقريب کي خطاب ڪندي مفتي فيض محمد سڪندري، ايم پي اي خليفا وريام فقير ورياماڻي، فنڪشنل ليگ سانگهڙ جي اڳوڻي صدر محمد بخش خاصخيلي، فنڪشنل ليگ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري وقار حسين جٽ، فقير محمد اسماعيل مھر، ماهي خان وساڻ، ڊاڪٽر غلام قادر پنهور، حافظ عبدالقيوم مھر، خليفو غلام مصطفى ڪلھوڙو، ڊاڪٽر محمد سھيل ھنجرا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پير ڇٽ ڌڻي بادشاهه هڪ عظيم سياستدان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ملڪ، قوم ۽ پارٽي جي خدمت ڪئي، سندس دور م ڪنگري هائوس ۾ هميشه عوامي توڙي سياسي ماڻھن جا ميلا متل رهيا، سندس محبت جو مثال اهو هو جو سڄي پاڪستان جا سياستدان سندس حاضري لا ڪنگري هائوس تي اچي دعا وٺندا هئا، پاڻ هميشه ملڪي سالميت جي ڳالهه ڪئي ۽ پاڻ حر جماعت کي حڪم ڪيو ته پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريو. سندس ۽ خاندان جون ملڪ ۽ قوم لا ڏنل قربانيون هميشا ياد رکيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button