اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا ڪيس ۾ عمران خلاف فوجداري ڪارروائي شروع

اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي شروعات ٿي وئي آهي. ڪرپٽ پريڪٽسز ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان تي ڏنڊ ۽ ٽي سال قيد جي سزا جي تلوار لٽڪيل آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانا ريفرنس جي شنوائي ڪئي. ان دوران ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وقاص ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حلفي بيان جمع ڪرايو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر موقف اختيار ڪندي چيو ته مون کي اختيار ڏنو ويو آهي ته 21 نومبر تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي پيروي ڪيان، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 190 کي 167 ۽ 173 سان گڏائي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو آهي. اها ڪارروائي عمران خان جي ڪرپٽ پريڪٽيسسز بابت آهي. اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي ته هو ريفرنس جي بنياد تي اسيمبلي ميمبر جي نااهلي وارو معاملي کي ڏسي سگهي ٿي. عدالت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو بيان قلمبند ڪري شنوائي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button