اسلام آباد : چيئرمين سينيٽ جي استعيفا ۽ بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا سينيٽر ورهائجي ويا. ذريعن مطابق استعيفا نه ڏيڻ تي سينيٽ جي چيئرمين کي بي اعتمادي رٿ جو پيغام اماڻيو ويو. ذريعن ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي پي ٽي آئي سينيٽ جا ميمبر متفق نه آهن. سينيٽرز جو اعظم سواتي سان ٻڌي جو اظهار پر استعيفا يا تحريڪ جي حق ۾ ناهن. ذريعن مطابق اعظم سواتي جي سينيٽ جي سڀ کان اهم ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيڻ تي سينيٽرز کي ڳڻتي آهي. اعظم سواتي جا وڊيو ثبوت نه ڏيڻ تي سينيٽر استعيفا جي مطالبي کان پٺتي هٽي رهيا آهن. سينيٽ ۾ پي ٽي آئي جي اڪثريت نه هجڻ به رٿ پيش ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کان استيعفا گهري هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close