راڌڻ: پ پ اڳواڻ ۽ سيتاروڊ ٽائٔون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين قمبر لغاري چيو آهي ته ڪي اين شاهه واسين سان ھيڏو ظلم ٿيو آهي، چونڊيل نمائٔندن ۽ ڊي سي جي نااھلي سبب اڃا تائين پاڻي نيڪال ناھي ٿيو، متاثرن جي واھر ناھي ٿي ۽ بي يار مددگار آهن پر سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي دادو جي ڪن تي جون ناھي چري، هن چيو ته ايم پي اي ۽ ايم اين اي طرفان امداد متاثرن بدران من پسندن کي ملي رهي آهي ۽ وڏي لٽمار ٿي آهي. اھڙو اظھار هن ڪالهه ميڊيا بريفنگ ۾ ڪيو. ھن چيو ته پاڻي ڪڍرائڻ جو ڪروڙين رپين جو ٺيڪو من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو آهي جيڪو پنهنجي زمينن ۽ باغن جو پاڻي ڪڍرائي ٿو وري اھو ساڳو پاڻي ڪي اين شاهه تعلقي جي ٻھراڙي ۾ وڃي ٿو، جڏهن ته ڪي اين شاهه کان ٻرڙن تائٔين پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻھو ٻيڙين تي سفر ڪن ٿا پر سي ايم صاحب کي ان جي ڪابه پرواهه ناھي. ھن چيو سنڌ جو ٻيڙو غرق پيو ٿئي جيڪڏهن اھو حال رھيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ئي ھنن کي خبر پوندي ته ڪيتريون سيٽون ٿا کٽين. عام چونڊون ته اڃا ٻي ڳالهه آهي. ھن چيو ته چونڊيل نمائندا نااھل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close