سن: سن ڀرسان مانجهند جي تعلقه اسپتال عوام کي صحت جون سهولتون نه ڏئي سگهي، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري مانجهند ديدار حسين کوسو پنهنجي نياڻي کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال کڻائي پهتو، جتي ٻن ڪلاڪن تائين ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڳوليندو رهيو پر ڪنهن به سندس نياڻي تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي علاج ڪيو. جنهن خلاف سخت احتجاج ڪندي هن ته اسپتال ۾ ڪابه سهولت ميسر ناهي، مليريا بخار سميت ڪابه ٽيسٽ نٿي ٿئي، ايڪسري سميت مختلف ليبارٽرين جو ڪم بند پيل آھي. دوائن جي شديد کوٽ آھي، ڊاڪٽر ۽ عملو لاپراهي جو مظاهرو ڪري پاڻ ۾ ڪچهريون پيا ڪن، انصاف ڪيو وڃي.
جڏهن ته مانجهند لڳ ڳوٺ گل محمد لاشاري جي رهواسي عبدالطيف حاجاڻو پنهنجي معصوم پٽ کي اڌ رنگ جي بيماري جي جهٽڪن سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي پهتو پر ڪابه واهر نه ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته اسپتال عملي جي غفلت سبب سندن پهرين به ٻه ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن پر انتظاميا طرفان ساڳي روش جاري آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نااهل انتظاميا کي هٽائي ايماندار ۽ فرض شناس عملو مقرر ڪيو وڃي.