اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس ۾ سياسي مداخلت تي ٽرانسفر پوسٽنگ بابت ڪيس تي شنوائي ڪندي پنجاب حڪومت کان سياسي مداخلت تي پوليس آفيسرن جي بدلين تي جواب گهري ورتو. اربع تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس تي شنوائي ڪئي. سپريم ڪورٽ درخواست گذار جي اپيل تي ڪيس جو دائرو وفاق ۽ ٻين صوبن تائين وڌائيندي وفاق ۽ ٻين صوبن کان به پوليس ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ تي جواب گهري ورتي. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته وفاق ۽ صوبا گذريل 8 سالن ۾ پوليس کاتي ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ جو رڪارڊ پيش ڪن. سپريم ڪورٽ ٻن هفتن ۾وفاق ۽ صوبن کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جمع ڪرايل ڊيٽا مطابق پنجاب ۾ ڊي پي او جي سراسري ٽرم 5 مهينا آهي، چئن سالن ۾ پنجاب ۾ 268 ڊي پي اوز جون بدليون ٿيون. جسٽس عائشا ملڪ درخواست گذار جي وڪيل کان سوال ڪيو ته هي انگ اکر اوهان ڪٿان حاصل ڪيا آهن. وڪيل جواب ڏنو ته هي انگ اکر سي پي او آفيس وٽان حاصل ڪيا آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته پوليس ۾ سياسي بدلين سان ڪرمنل جسٽس سسٽم جي ڪارڪردگي تي فرق پوي ٿو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پنجاب ۾ آئي جي پوليس جي ايوريج ٽرم 6 مهينا آهي جيڪو قانون مطابق 3 سال ٿيڻ گهرجي. چئن سالن ۾ پنجاب ۾ پوليس آفيسرن کي بي سبب تبديل ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته درخواست گذار جي وڪيل مطابق هي معاملو پنجاب تائين محدود نه آهي. اسلام آباد جو اڳوڻو آئي جي پڙهيل لکيل ۽ ڊيسينٽ آفيسر هو. اڳوڻي آئي جي اسلام آباد سنڌ هائوس تي حملي جو معاملو بهتر انداز ۾ اڪلايو آئي جي اسلام آباد به بدلي ٿي ويو هو. عدالت چيو ته پوليس آفيسرن جي بي سبب بدلين سان ڪرمنل جسٽس سسٽم جي پرفارمنس تي اثر پوي ٿو. اهڙين حالتن ۾ افيسرن ۾ سياسي اثر رسوخ سان اعليٰ عهدا حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌي ٿو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته معاملي جو دائرو وفاق ۽ ٻين صوبن تائين وڌايو وڃي وفاق ۽ صوبا عدالت ۾ جواب جمع ڪرائين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close