اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم مقرر طريقي مطابق مقررين بابت فيصلو ڪندو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير ۽ وزيراعظم آفيس تصديق ڪئي آهي ته بچاءُ واري وزارت طرفان موڪليل سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدن تي مقرري لاءِ نالن جو پينل اماڻيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف مقرر ڪيل طور طريقي مطابق انهن مقررين بابت فيصلو ڪندو. وزيراعظم آفيس مطابق بچاءُ واري وزارت کان سمري موصول ٿي وئي آهي. آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري لاءِ نالن جو پينل موصول ٿيو. وزيراعظم مقررين تي فيصلو طريقيڪار تحت ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button