اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي آپگهاتي حملي جو خدشو آهي:گهرو وزارت

اسلام آباد :گهرو وزارت پي ٽي آئي جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي به امڪاني خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو. اربع تي گهرو وزارت تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي پيغام اماڻي ڇڏيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ تازو ئي دهشتگردي جي واقعن جو حوالو ڏنو ويو. خط ۾ چيو ويو ته شدت پسند جماعتون پي ٽي آئي جي لانگ مارچ تي دهشتگردي حملو ڪري سگهن ٿيون. حملي ۾ ٻاهرين طاقتن پاران به ڪارروائي جو خطرو آهي. پيغام ۾ چيو ويو ته عوامي ميڙاڪن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو. عوامي ميڙاڪن ۾ خودڪش يا بم حملي ٿي سگهي ٿو. گهرو وزارت پيغام ۾ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف راولپنڊي ۾عوامي اجتماع کي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button