اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي معاملي تي شنوائي ملتوي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آئي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي معاملي تي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. اربع تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ شنوائي ڪئي. پي ٽي آئي جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته انور منصور ملڪ کان ٻاهر آهي، هو 29 نومبر تي وطن موٽي ايندو. وڪيل عدالت کان اپيل ڪئي ته اسان کي ڪجهه مهلت ڏني وڃي ۽ شنوائي ملتوي ڪئي وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هي معاملو ختم ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ جي ضرورت نه آهي. هن ڪيس جي شروعاتي شنوائي 23 آگسٽ تي ٿي هئي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شنوائي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button