پاڪستانخيبرپختونخوا

فضل الرحمان جو مائٽ حاجي غلام علي پختونخوا جو گورنر مقرر

جي يو آ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سنڍو ۽ اڳوڻي سينيٽر حاجي غلام علي کي خيبر پختونخوا جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي عهدي جو حلف به کڻي ورتو آهي، وفاقي حڪومت طرفان سمري موڪلڻ بعد صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علويءَ حاجي غلام علي کي خيبر پختونخوا جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري بيان مطابق صدر مملڪت ان مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 101 تحت وزيراعظم جي ايڊوائيز تي ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر حاجي غلام علي جي گورنر ڪي پي ڪي طور مقرري جي سمري صدر ڏانهن اُماڻي هئي. وزيراعظم طرفان صدر ڏانهن اُماڻيل سمري ۾ آئين جي آرٽيڪل 101 تحت حاجي غلام علي کي پختونخوا جو گورنر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر شاهه فرمان جي استعيفيٰ کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق غني وقتي گورنر طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button