پاڪستان

عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي لاهور ها ڪورٽ ۾ فل بئنچ قائم

توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي فل بئنچ قائم ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهري جابر علي وڪيل اظهر صديق ذريعي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪندي ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواستگذار شهري جابر عباس درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي جو ڪنهن کي به نااهل ڪري سگهي، جنهن بنياد تي عمران خان کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اهو آئين ۾ موجود ئي ناهي، اليڪشن ڪميشن مس ڊيڪلريشن تي 120 ڏينهن ۾ ايڪشن کڻي سگهي ٿي، ان کان پوءِ نه. ڪنهن به پارليامينٽ ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ٽربيونل جو آهي، ڪميشن جو ناهي. جيڪڏهن ڪو جرم ٿيو آهي ته ان کي لاڳاپيل فورم تي موڪلڻ گهرجي. ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن سيشن ڪورٽ ۾ استغاثه دائر ڪري سگهي ٿي جيڪا ان جو فيصلو ڪندي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئين جي غلط تشريح ڪئي آهي. استدعا آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ٽي رڪني فل بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ جسٽس ساجد محمود پڻ شامل آهن، جڏهن ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي بئنچ جو سربراهه آهي، درخواست تي شنوائي جلد ڪئي ويندي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button