پاڪستانسنڌ

کهڙا ڀرسان رنگ بند ٻيهر ٽٽي پيو، پاڻي شهر ۾ ڪاهي پيو

کهڙا: کھڙا شھر کي ڏنل رنگ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي پيو، جنهن بعد برسات ۽ سم نالي جو گندو پاڻي کهڙا شهر ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو، جنھن خلاف دڪاندارن ۽ شهرين ڪامريڊ محمد علي اڄڻ، مبين اڄڻ، خادم حسين بانگو، قلندر بخش منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سبزي مارڪيٽ روڊ تي گندي پاڻي ۾ بيهي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ھڪ دفعو ٻيھر رنگ بند کي وڳوڙين ڪٽ ڏئي شھر کي ھٿ سان ٻوڙي ڇڏيو آهي، رستن تي گندو پاڻي بيھڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي، شاگردن جي تعليم به متاثر ٿئي پئي. هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب 3 مهينا گذرڻ باوجود کهڙا شهر مان گندو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي. ھنن ڊي سي خيرپور ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کھڙا شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي نه ته ها ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button