پاڪستانسنڌ

سڪرنڊ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرو، ما بيهوش

سڪرنڊ: سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مير عيوض انڙ ۾ 25 ڏينھن اڳ قتل ٿيل نوجوان محمد شريف انڙ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ما ڀيڻ لياقت انڙ ۽ نياز حسين انڙ جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته مظاهري دوران مقتول نوجوان جي ما بيهوش ٿي پئي. هنن چيو ته زمين جي تڪرار تان اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، پر هينئر تائين سڪرنڊ پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو آھي، روپوش جوابدار غلام حسين، رسول بخش، احمد، راحب، محمد حنيف ۽ چنڱل خان اسان جي گھرن تي حملو ڪري ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن آ جي سنڌ، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button