پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ برسات متاثرن جو تڪ جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج

راڌڻ: راڌڻ ۾ ڳوٺ تاج محمد زرداري ۽ ڄام زرداري واسي رٽائٔرڊ فوجي شھمير زرداري، محمد اسماعيل زرداري، مختيار احمد زرداري، محمد مٺل، مولابخش زرداري ۽ ٻين پريس ڪلب راڌڻ پھچي پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ، اڳوڻي چيئرمين راڌڻ غلام دستگير ڳورڙ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان گذريل 50 سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا ٿا اچون، جنهن ڪري چونڊيل نمائندا مزا ماڻي رھيا آهن پر ھن برسات جي ڏکئي وقت ۾ اسان جي ڳوٺ تاج محمد زرداري ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪافي جاني مالي نقصان ٿيو آهي ۽ روڊ تباھه ٿي ويو آهي. ھن مهل تائين پ پ جو ڪوبه اڳواڻ نه راشن کڻي آيو آهي نه ٽينٽ ڏنو آهي ۽ نه ڪا واھر ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button