پاڪستانسنڌ

پ پ پ حڪومت هٿ سان سنڌ ٻوڙائي ڇڏي آهي: لياقت جتوئي

خيرپورناٿن شاھه: اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ لياقت جتوئي ٻوڏ ۾ تباھه ٿيل خيرپورناٿن شاھه تعلقي جو دورو ڪيو. ان دوارن اوورسيز پي ٽي آئي اڳواڻن پاران موڪليل سامان ورهايو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته سنڌ حڪومت هٿ سان سنڌ ٻوڙائي ڇڏي آهي، جنهن مان سڀ کان وڌيڪ متاثر خيرپورناٿن شاھه تعلقو ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ڪرپشن جي بيتاج بادشاھه بڻجي چڪي آهي، ايندڙ وقت پوري پاڪستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي. لانگ مارچ لا تياريون جاري آهن، پوري سنڌ مان وڏن قافلن جي صورت ۾ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪبي. ان موقعي تي بيلجيم کان آيل پي ٽي آئي اوورسيز پاڪستانين جو صدر معظم خان، ضلعي صدر سردار عاشق زئور، شعبان ملاح، ڊاڪٽر شاهنواز، عابد ٻٻر، فقير محمد شيخ ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button