پاڪستانسنڌ

ميهڙ لڳ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو انڊس ھا وي تي ڌرڻو، باهيون

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان يوسي قاضي عارف جي ڳوٺ کوندي، ڳوٺ احمد خان چانڊيو، ڏنل خان ڪمانگر، ڀالو ڀنڊ ۽ الھڏتو ڀنڊ سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسي سوين ٻوڏ متاثرن انڊس ھا وي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٻوڏ متاثرن احتجاجي مظاھرو ڪري زبردست نعريبازي پڻ ڪئي. ڳوٺاڻن يعقوب مھيسر، لياقت ڪمانگر، علي گل ڀٽي، سرفراز مھيسر، علي رضا جانوري، امداد جوڳرو، شمن چانڊيو ۽ ٻين آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھيندي چيو ته اسان جي يوسي قاضي عارف ھميشه پيپلزپارٽي کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو آھي. ٻوڏ سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، فصل تباھه ٿي ويا آھن. کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻجي ويٺل آھيون. ڊي سي دادو اسان جي ڪابه واھر نه ڪئي آهي، ٻئي پاسي روڊ بند ھجڻ ڪري صوبائي وزير امتياز علي شيخ جو پٽ فراز امتياز شيخ پڻ پھتو. جتي ھن اي سي ميھڙ محسن شيخ کي گھرايو جنهن ٻن ڏينھن ۾ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button