پاڪستانسنڌ

سنڌي ٻٽڙا ۾ اسڪول مان ٿيل چوري خلاف استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

ميهڙ: ميھڙ ڀرسان يوسي سنڌي ٻٽڙا ۾ ڪالهه چوٿين ڏينهن به گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول مان ٿيل چوري ۽ پوليس جي نااهلي خلاف استادن ۽ هيڊماستر الطاف حسين ٻلهڙو، ايف اي احمد علي جتوئي، عجيب الله قمبراڻي، نور محمد جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته شاگردن ۽ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سنڌي ٻٽڙا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالهائيندي ھنن چيو ته اسان جي اسڪول مان ھر دفعي چور چوري ڪري ٿا وڃن، پوليس اگھور ننڊ ۾ ستل آھي، ھن مھل تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ھنن چيو ته اسڪولن مان چوريون ٿيڻ شرمناڪ عمل آهي، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته چوري واپس نه ٿي ته سڀاڻي 26 نومبر تي سنڌي ٻٽڙا شھر جي مين ناري واري پل تي پوليس خلاف ڌرڻو ھڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button