پاڪستانسنڌ

دادو ۾ پرڻيل عورت قتل، شروعاتي بيانن واقعي کي ڳجهارت بڻائي ڇڏيو

دادو: دادو ۾ پرڻيل عورت قتل، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل، وارثن ۽ علائقي واسين جي شروعاتي بيانن واقعي کي ڳجهارت بڻائي ڇڏيو، پوليس پاران هر رخ کان جاچ ڪرڻ جي دعوى. خبر موجب دادو شهر جي عزيزآباد ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان پرڻيل عورت فرحانه زال اسد ابڙو قتل ٿي وئي آهي، اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل عورت جو لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. جتي عورت جي مامي مظهر ابڙو ميڊيا کي ٻڌايو ته رات دير سان نامعلوم چور گهر ۾ داخل ٿيا، گهر ۾ ڪوبه مرد نه هو، ڇوڪري سڄاڳ ٿي ته چورن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، هن چيو ته ڇوڪري جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي، گهر ۾ صرف عورتون ۽ ٻارڙا هئا.

اي سيڪشن ٿاڻي جي جاچ آفيسر قربان علي شاهاڻي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر اندر رت جو ڪوبه نشان نه مليو آهي، قتل ٿيل عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، جنهن جي فرسٽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ ملندي. هن چيو ته عورت جي جسم تي ٻن ڌڪن جا نشان آهن، لڳي ائين ٿو ته هڪ گولي سيني ۽ ٻي گولي ڪُک ۾ لڳي آهي، هن چيو ته عورت جو قتل ٿيو آهي، هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون. خون رائيگان نه ويندو، پوليس نيڪ نيتي سان جاچ ڪري رهي آهي، جوابدار ڪير به هوندو ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت جو قتل گهر ٻاهران گهٽي ۾ ٿيو آهي، فائرنگ رات جو دير سان ٿي هئي. پوليس کي صبح جو اطلاع ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button