پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ نينگر تي پوليس جو تشدد، هٿ ڀڃي ڇڏيا، 3 اهلڪار معطل

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد ٽيليگراف پوليس پوسٽ جي انچارج اياز احمد ابڙو، پوليس اهلڪار اصغر لنڊ ۽ ٻين پورهيت نينگر بلال گۡجر کي موبائيل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر جا هٿ ڀڄي پيا، ايس ايس پي ڄامشورو واقعي جو نوٽيس ورتو، 3 اهلڪار معطل ڪيا ويا. خبر موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي سڪندرآباد جي رهواسي پورهيت نينگر بلال گۡجر کي ٽيليگراف پوليس پوسٽ جي انچارج اياز احمد ابڙو، پوليس اهلڪار اصغر لنڊ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي. پورهيت کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو آهي. جتي ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ تشدد جو نشانو بڻيل نينگر بلاول گۡجر ٻڌايو ته رات دير سان گهر کان ٻاهر نڪري پاڙي ۾ موبائيل چارج ڪرائڻ لاۡ ويس، جتي اياز ابڙو، اضعر لنڊ ۽ ٻين سڄي رات موبائيل چوري جو الزام هڻي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي هٿ ڀڃي ڇڏيا آهن. مون سان ظلم ٿيو آهي،

هن چيو ته اياز ابڙو مٿان ڪيس داخل ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن نينگر تي تشدد جو ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي نوٽيس ورتو. معاملي جي جاچ لا ڊي ايس پي ايڊمن فاروق لاکير تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي انچارج اياز ابڙو کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ايس ايس پي ٽن اهلڪارن اصغر لنڊ، قاسم ابڙو ۽ عنايت خاصخيلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو موجب معاملي جي انڪوائري هڪ ڏينهن ۾ ٿيندي، جيڪو به ذميوار هوندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، بناجواز تشدد برادشت نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button