ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عالمي بينڪ جي سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ لنڪن فلور سان بي آر ٽي ييلو لائن بابت گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ بي آر ٽي ييلو لائن جي پي سي ون ۽ 2 متبادل تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪرڻ بعد وڌيڪ اجلاس منعقد ڪري هڪ هفتي ۾ حمتي فيصلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ عالمي بينڪ جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته ييلو لائن پروجيڪٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ اقتصادي طور تي ڪامياب ماڊل بڻائڻ لاءِ پي سي ون کان علاوه ٻه متبادل تجويزون مرتب ڪيون آهن، جيڪي عالمي بينڪ سان پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن، صوبائي وزير چيو ته شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪجهه مهينا اڳ پيپلز بس سروس جي شروعات ڪئي آهي، جيڪو هڪ ڪامياب ماڊل آهي، 8 ارب روپين جي لاڳت سان پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جي فليٽ ۾ 250 هائبرڊ ڊيزل بسون شامل آهن، پيپلز بس سروس وفاقي حڪومت جي اداري اين آر ٽي سي جي ڀائيواري سان هلائي پئي وڃي، جنهن کي گھٽ عرصي ۾ شهرين بي پناهه موٽ ڏني آهي،
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ييلو لائن پروجيڪٽ به هڪ ماڊل پروجيڪٽ ھجي، ان جي انفرااسٽرڪچر جي لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي، ييلو لائن جي بسن جي فليٽ ۾ اضافو ڪيون، ان کان علاوه سبسڊي جي مد ۾ حڪومت جا خرچ گهٽ ۾ گهٽ ٿين. عالمي بينڪ جي سينيئر ٽرانسپورٽ اسپشلسٽ لنڪن فلور چيو ته ڪراچي اسان جي ترجيحات ۾ شامل آهي، عالمي بينڪ ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ انفرااسٽرڪچر کي ترقي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن معاونت لاءِ ڪميٽيڊ آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، سنڌ حڪومت جي سينيئر آفيسر زبير چنا، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي الطاف ساريو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائن فضل امير، نيسپاڪ ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي.