عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان معاشي استحڪام خاطر سڌارن وارو عمل تيز ڪرڻ لا وڌيڪ اپا وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پريز چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي استحڪام لاءِ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ متاثرن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ امداد فراهم ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري متاثرن جي ضرورتن کي هدف بڻائي امداد پهچائڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين سان پاليسي ۾ اوليتن تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بحالي واري منصوبي جي وقت سر تياري به ضروري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close