پاڪستانرانديون

جيڪو غلطي نه مڃي اهو ليڊر نٿو بڻجي سگهي:جنرل قمرجاويد باجوا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ليڊرشپ جو ڪم وڙهڻ هوندو آهي، باقي کٽڻ ۽ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي، جيڪو ليڊر پنهنجي غلطي نٿو مڃي سگهي اهو ليڊر نٿو بڻجي سگهي، راندين جي بهتري لا پنهنجي سپورٽ جاري رکندس. صدر عارف علوي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لاهور ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فوجي سربراهه جنرل باجوا پاڪستان ٽيم جي رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سندس ڪارڪردگي کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم 10 وڪيٽن تان هارائي وئي، جڏهن ته اسان جي ٽيم هڪ دفعو ٻيهر اٿي کڙي ٿي آهي، قومي ڪرڪيٽر تمام سٺي راند کيڏن ٿا، رانديگر پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لا محنت ڪن، مون کي ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ هاڪي ۽ فٽبال جي راند به پسند آهي، راندين جي بهتري لا پنهنجي سپورٽ جاري رکندس. آرمي چيف چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي فارميٽ ۾ شاداب خان بهترين ڪرڪيٽر آهي، جيڪڏهن شاهين آفريدي زخمي نه ٿئي ها ته ورلڊ ڪپ جي فائنل جو نتيجو مختلف هجي ها، اسان ورلڊ ڪپ ٿوري مارجن تان هارائي وياسين. تقريب دوران آرمي چيف جنرل باجوا ان فٽ ٿيل فاسٽ بالر شاهين آفريدي سان به ملاقات ڪئي ۽ سندس حال احوال پڇيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button