چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ٿيندڙ جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي ڪيريئر دوران چيف آف جنرل اسٽاف، ڪور ڪمانڊر راولپندي ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز سميت ڪيترن ئي اهم عهدن تي خدمتون نڀايون آهن. جنرل ساحر شمشاد مرزا جو پاڪ فوج ۾ ڪيريئر شاندار خدمتن تي ٻڌل آهي، پي ايم اي مان تربيت مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو، پاڪ فوج ۾ اهم عهدن تي فرض نڀايا، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز مقرر ٿيو ۽ اتر وزيرستان ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين عسڪريت پسندن جي خلاف فوجي آپريشن جي نگراني ڪئي، جنرل ساحر شمشاد پاڪستان، چين، افغانستان ۽ آمريڪا تي ٻڌل 4 ڌرئي رابطا گروپ ۾ انٽرا افغان ڳالهين جو حصو به رهيو، کيس سرتاج عزيز جي قيادت هيٺ گلگت بلتستان لاءِ سڌاراتي ڪميٽي جي ميمبر طور تي خدمتون نڀائڻ جو موقعو به مليو، ٿري اسٽار رينڪ تي ترقي بعد جنرل ساحر مرزا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو، جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل طور به خدمتون نڀايون، کيس آڪٽوبر 2021 ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي مقرر ڪيو ويو جتي هن ڪشمير ۽ سياچن جهڙن علائقن جي نگراني ڪئي هو پنهنجي ڪيريئر ۾ 3 ڀيرا پاڪ فوج جو ملٽري آپريشن ڊآئريڪٽوريٽ ۾ مقرر رهيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا وائس چيف آف جنرل اسٽاف طور، ملٽري آپريشنز ۽ ملٽري انٽيليجنس جي نگراني به ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close