پاڪستان

اهم فوجي عهدن تي وڏي عرصي بعد سينيارٽي کي ترجيح

آرمي چيف لا وڏي عرصي بعد سينيارٽي کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. حڪومت طرفان جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل شاحر شمشاد مرزا کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين طور مقرر ڪرڻ سان وڏي عرصي بعد پاڪ فوج جي قيادت سڀ کان سينيئر جنرلز جي حوالي ڪئي وئي آهي. جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) طرفان موڪليل سمري ۾ جنرل عاصم منير جو نالو پهرئين نمبر تي هو ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جو ٻيو نمبر هو، اهڙي سينيارٽي لسٽ ۾ پهرئين ۽ ٻئي نمبر کي اهم عهدن ۾ ترجيح ڏني وئي آهي. ان کان اڳ ماضي ۾ اڳوڻا وزيراعظم سينيارٽي لسٽ ۾ چوٿين ۽ ستين نمبر تائين ليفٽيننٽ جنرلز کي به آرمي چيف جي عهدي لا چونڊيندا رهيا آهن. 29 نومبر تي رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 2016ع ۾ مقرر ڪرڻ وقت جي ايڇ ڪيو طرفان موڪليل سينيارٽي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button