پاڪستانسنڌ

ڪنڊيارو ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ايم پي اي جي بنگلي تي توا ٽنگيا ويا

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ سميت شهر جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهر جي سٽي اسٽار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي جي مين گيٽ اڳيان توا ٽنگي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو، نجيب مڱريو، رفيق گهانگهرو، مختيار رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه هٿ وٺي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، پبلڪ لائبريري ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، پر هتان جو ايم پي نٿو چاهي ته ڪنڊيارو جو نوجوان پڙهي اڳتي نڪري، لائبريري جي مسئلن جي حل لاءِ ڪافي ڀيرا احتجاج ڪيا ويا آهن، پر هڪ به مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي، پبلڪ لائبريري ۾ ڇوڪرين جي ويهڻ لاءِ الڳ ڪمرو ناهي، جو نياڻيون ڪتابن جو مطالعو ڪري سگهن، شهر ۾ حددخلين جو آزار آهي، ايم پي اي شهر جي چوطرف ناجائز قبضا ڪري ڇڏيا آهن، پر کائنس ڪير به پڇڻ وارو ناهي. هنن جو چوڻ هو ته برسات متاثرن جي واهر نه ڪئي وئي آهي، ايم پي اي صرف پنهنجي من پسند ماڻهن کي سامان ڏياريو آهي، حقيقي برسات متاثر جي ڪابه واهر نه ٿي سگهي آهي. ان موقعي تي مير خان سهتو پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button