ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ چوڙيو ۾ 22 سالن جي کيئان زال مارچ گھر اندر مبينا ڦاھي کائي ڇڏيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ناري جي ھڪ سال اڳ شادي ٿي ھئي، سندس مڙس مارچ ٻڌايو ته ڪجھه ڏينھن کان مون کي زال چيو ته مائٽن ڇڏي اچ، مون چيو ته ٻني جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي پو ڇڏي ايندس، جنھن تان ھن ناراض ٿي ڦاھو کاڌو آھي. ھن چيو ته آئون ٻني تي ويو ھئس، گھر ۾ ڪير موجود نه ھو. ٻئي طرف ڇوڪري جي ما ڏيمان ۽ والد ھريرام پنھنجي نياڻي جي لاش تي روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي سندس سھري ۽ مڙس گڏجي ماري پو خودڪشي جو ڊرامو رچايو آھي، اسان جي نياڻي سان ٻن مھينن کان فون تي ڳالھه به نه ڪرائي وئي، ھنن اسان جي نياڻي کي ڌمڪيون ڏنيون ھيون ته تنھنجو لاش مائٽن ڏانھن روانو ڪنداسين ۽ اڄ اسان کي لاش مليو آھي. ھنن چيو ته ننگرپارڪر پوليس اسان جي ٻڌڻ لا تيار ناھي، اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف پوليس صحافين کي ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين اسان کي اھڙي ڪا ڳالھه ناھي ٻڌائي، اسان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close