اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ الهياري ۾ 17 ورهين جي نوجوان ناري مارئي ڌي نهال ڀيل وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي جهانگرو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. انهي سلسلي ۾ پوليس موجب فوتي ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جو دماغي توازن درست نه هو، ان ڪري هن پاڻ ڦاهو کاڌو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ڳوٺ ۾ اهي به چوٻول هئا ته ناري گهر ۾ ڪنهن معاملي تي ما کان ناراض ٿي هئي، جنهن سبب هن آپگهات ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close