پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ڌارين جي نيڪالي لا حيدرآباد ۽ ميرپوربٺورو ۾ مظاهرا

حيدرآباد: ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ڌارين جي نيڪالي لا عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمراه سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار، ڪاشف ملاح، حسنه راهوجو، ڄام تماچي ۽ سميع ابڙو ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا ڪي به اپا ناهن ورتا. ٻوڏ متاثرن جي نقصانن جي سروي لا سنڌ سرڪار طرفان جوڙيل يوسي سطح جون سروي ڪميٽيون بدنيتي تي ٻڌل آهي. ھنن چيو تھ سروي لا سٺي ساک رکندڙ معزز شخصيتن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري سروي جو ڪم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جهڙي ڪرپٽ ترين ادارن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هي سروي ٻوڏ متاثرن جي نقصانن جي سروي بدران وڏيرن جي حصا پتي واري سروي بڻجي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 1 ڪروڙ، زخمين کي 30 لک ۽ بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائڻ لا 50 لک روپيا ڏنا وڃن. ٻئي پاسي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي پاران

ميرپوربٺورو ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ناليواري ڪهاڻيڪار پرويز ميمڻ، ضلعي جنرل سيڪريٽري ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، تعلقي صدر نواز ڏيٿو، هارون سوڍو، رزاق ٻائتار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مير مرتضى پرهياڙ ۽ مختيار علي زئور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھن کي دربدر ڪيو آھي ۽ اڃان تائين ٻوڏ ستايلن جي ڪابه واھر ناھي ڪئي وئي. اڄ به ٻوڏ متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي مان ۾ آجياڻو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن امان صابل نوحاڻي جي پهرين ورسي جو پروگرام گولاڙچي لڳ ڳوٺ جاکرو نوحاڻي ۾ رکيو ويو. جنهن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ڏاڏا قادر رانٽو، اسماعيل خاصخيلي، جاکرو نوحاڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زرقا هاليپوٽو، هميرو مل، مهراڻ درس، غلام علي نوحاڻي، سليمان هاليپوٽو، نهال نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ڌڻي بخش نوحاڻي، ڪامريڊ جمعون، فاضل زئور، شاعر مير محمد نظاماڻي، نيتارام ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن عالمي امداد هڙپ ڪرڻ لاءِ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي تباهي ۽ بربادي برپا ڪئي، پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي ڀوتارن هٿياربند ويهاري قبضا ڪري هاڪڙي ۽ پراڻ جي پاڻي جا رستا بند ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻهو زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ان سڄي جاني، مالي نقصان جي ذميوار پ پ پ سرڪار، وزير، مشير، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سندن جوڙيوال ڪامورا ۽ آفيسر شاهي آهي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ڌارين کي اهڙيون ته سهولتون ڏنيون آهن جو اهي سنڌ ۾ دائمي رهاڪو جي دعويٰ ڪري ڌرتي ڌڻين سان بي واجبيون، ڏاڍايون ۽ عقوبتون ڪري رهيا آهن، روز ڌارين هٿان ديس واسي تترن جيان ماريا پيا وڃن، روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌرتي ڌڻي جو لاش ملي رهيو آهي، پر مجال آهي جو ان معاملي جو سنڌ حڪومت ڪو نوٽيس وٺي. هنن چيو ته قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ ۾ جاگيردارن ۽ سردارن جو سڌو هٿ آهي هن ظالم ۽ وحشي قبائلي نظام ويڙهن جا ويڙها ۽ پاڙن جا پاڙا ويران ڪري ڇڏيا آهن، پروگرام کان اڳ عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهيد عوام فاضل راهو جي مزار ۽ امان صابل جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ سرخ سلام پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button