پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين جي آمد روڪڻ لا وفاق سان ڳالهائيندس: گورنر سنڌ

حيدرآباد: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آھي ته سنڌ ۾ غيرقانوني ايندڙ افغان پناهگيرن کي افغان سرحد تي روڪڻ توڙي هنن جي آمد کي روڪڻ لا وفاق سان قانونسازي بابت ڳالهائيندس. اهڙو اظهار هن ڪالهه قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته تازو برساتن سبب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي آھي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد لا چًڱو ڪم ڪيو آھي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ ۾ انتظامي صوبن جي قيام جي حوالي سان ڏنل بيان پورو نشر نه ڪيو هو، منهنجو موقف آھي ته سمورن صوبن جا اسٽيڪ هولڊر ضرورت سمجهن ۽ متفق ٿين ته ان صورت ۾ نوان انتظامي صوبا ٺاهي سگهجن ٿا. هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو سان سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهھ ٻولهھ ٿي آھي. اياز لطيف پاران بيان ڪيل مسئلن ۽ خدشن کي غور سان ٻڌو آھي، جيڪي حل طلب آھن.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ انتظامي صوبي جي ٺاهڻ کي مڪمل رد ڪيون ٿا، جهڙي نموني اسان پاڪستان جي بقا چاهيون ٿا اهڙي نموني سنڌ جي وحدانيت ۽ هڪ هجڻ تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي آھي، سنڌ جي ضلعن جا ڊي سيز ڪرپشن ڪري فرار ٿي ويا، جيڪا ڳالهھ ان تائين محدود ناھي، جن اهڙن ڊي سيز کي رکرايو انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته گونر سنڌ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا وفاق کان خاص پيڪيج جو اعلان ڪرائي ڇو ته سنڌ جون زمينون ڪيترو ئي عرصو فصل ڏيڻ جي لائق نه رهيون آھن، زمينن ۾ اڄ به پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب هارين ۽ مزدورن جو روزگار تباهھ ٿي ويو آھي، سنڌ جا ٻوڏ متاثرين بي يارو مددگار اڄ به بندن تي ويٺل آهن، جن ۾ ڊينگي سميت ٻيا مرض ڦھلجي رهيا آھن. هن چيو ته سنڌ واسين کي سنڌ حڪومت جي رحم و ڪرم ۽ پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي نالي تي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هتي ته ووٽ زور ۽ زبردستي جي بنيادن تي ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ جو هڪ وڏو مسئلو غيرقانوني پرڏيهين جو آھي، جيڪو حل طلب آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button